اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يد??ن جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اع??ان ڪري ڇڏيو. آزادي ??ي ڏها??ي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تح?? ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ ??يد??ن جي سزائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي ??يڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اع??ان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اع??ان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ ??يد??ن جي سزا تي مڪمل ڇوٽ جو اع??ان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ ??يد??ن جي سزا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اع??ان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌا??ي جي ڏوهارين تي نه هوندو.