فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت والار??ل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ۽ والاريل خطي جي اڳوڻي آئيني حيثيت جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿاري، آزادي حاصل ??رڻ تائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ايم پي اي علي عباس خان اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته والار??ل ڪشمير تي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ آئيني حيثيت تبد??ل ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز اٿاري. هن چيو ته عالمي دنيا کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ کي بند ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي اڳوڻي آئيني حيثيت بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ??ه ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ان کي حاصل ??ري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. ڪشمير جي آزادي حاصل ??رڻ تائين ڪشميرين ڀائرن سان گڏ آهيون انهن سان گڏ بيٺل آهيون. انهن جي سفارتي، سياسي، سماجي ۽ اخ??اقي حمايت جار?? رکنداسين.