ملتان – 03 – آگسٽ (اي پي پي) زندگي جي مختلف شعبن سان تعل?? رکندڙ عورتن چيو آهي ته پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل آهي، جهڙي طرح 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جو حصو بڻايو، اهو افسوسناڪ آهي، هڪ ڏينهن ايندو ته ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿيندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي عورت شعبي جي نگران شمائله رفيق چيو ته ڀارت ڪشمير کي اقليت ۾ تبديل ڪ??ڻ جي لاءِ ظالماڻا حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر 9 لک ڀارتي فوج ڪشميرين جي جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق کي ٿڌو نه ٿي ڪري سگهي، 1947ع کان هيستائين هڪ ??ک 40 هزار ڪشميري شهيد جڏهن ته 70 هزار جيلن ۾ بند آهن. شق سي 370 جي تحت ڪشمير جي خو??مختيار حيثيت ختم ڪري ٽن سالن تي ٻڌل بدترين لاڪ ڊائون جي ذريعي ڪشميري مسلمانن جي مڪمل نسل ڪشيءَ جي منصوبابندي سان گڏ مسلمان آبادي جي تناسب کي گهٽ ڪ??ڻ جي لاءِ ٽن سالن کان جاري لاڪ ڊائون ۽ ٻين ظالماڻن حربن جي باوجود ڪشميري اڄ به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. ڪشمير جي لاءِ اسان 4 جنگيون وڙهيون آهن، جوانن جون شهادتون پيش ڪيون آهن ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، پاڪستاني قوم ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪشميرين سان گڏ آهي.