ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد ??لال ??يو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو حق کسي انهن جو استحصال ??يو و??و، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ??هاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ?? قانوني حق کان محروم ڪ??و، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.