اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب جسٽس صفدر علي شاهه مرحوم جي بيواهه ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سَسُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مرحومه جي گهروارن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڏک??يل خاندان سان گڏ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.