اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد ??فير ڊاڪٽر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏ??ل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد ??فير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ??م ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد ??فير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد ??فير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ??م ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد ??فير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ??م ڪري. صدر نامزد ??فير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.