اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته عم??ان خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي عوام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ته ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏه?? عوام کين جلسي لاءِ نجي ملڪيتي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه ??هي ته ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو ڪهڙو قصور آهي، عم??ان نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ الله زور زبردستي نجي ملڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عم??ان خان جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عم??ان نيازي کي جلسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي ملڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسيحي برادري پنهنجي جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه ??هي ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان مسيحي برادري جو احترام ڪري، غنڊا گردي نه ڪري، هن چيو ته مسيحي برادري سراپا احتجاج آهي، حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عم??ان نيازي مذهبي منافرت پکيڙي انهي جاءِ تي ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گورنمينٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب ??هي ته عم??ان نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳائڻ آهي، هن چيو ته مسلم ۽ غير مسلم مذهبي اڳواڻ عم??ان نيازي کي سمجهائين ته مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪري.