اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سعودي فرمانروا شاهه س??مان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز ??ري?? ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغا?? ۾ ??عودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آئون ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿ??را ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه س??مان، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب ا??ار??ت جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب ا??ار??ت جي دوري دوران ولي عهد شهزاده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.