اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ع??ام امپورٽيڊ حڪومت آڻڻ جي ڪوشش خلاف آچر تي احتجاج ڪري، ??ازش خلاف احتجاج قوم تي فرض آهي، هاڻي آئون خاموش نه ٿيندس، جيڪڏهن مخالف ڌر عوام وٽ مقبول آهي ته پوءِ چونڊن ۾ ڇو نٿي اچي، مون عدم اعتماد کانپوءِ پنهنجي اسيمبلي ٽوڙي عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ تڪڙ ۾ فيصلو ڏنو آهي کيس سازشي خط کي ڏسڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي آهي، ??ولهه وارا مون کي ان لاءِ ڪڍڻ چاهين ٿا جو آئون انهن کي سڃاڻان ٿو، منهن??ا اصول 26 سالن کان ساڳيا ئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو بنياد انصاف، انسانيت خودداري تي آهي، ??پريم ڪورٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، ??دليه جو احترام ڪر??ون ٿا، سپريم ڪورٽ کي ٻاهرين سازش جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، عدليه انصاف جي محافظ هوندي آهي، ??دليه انصاف جو فورم آهي جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن، عدالت تڪڙ ۾ فيصلو ٻڌايو، عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ جيل به ڀوڳي. وزيراعظم عمران خان ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته منهن??ا اصول 26 سالن کان ساڳيا ئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو بنياد انصاف، انسانيت ۽ خودداري تي آهي، ??پريم ڪورٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، ??دليه جو احترام ڪر??ون ٿا، سپريم ڪورٽ کي خط جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، عدليه انصاف جي محافظ هوندي آهي، ??دليه انصاف جو فورم آهي جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن، عدالت تمام جلد فيصلو ٻڌايو، عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ جيل به ڀوڳي. ميمبرن جي خريداري جو ننڍي وڏي کي پتو آهي، ميمبرن جي خريد ۽ وڪري سان 22 سالن جي جدوجهد کي جهٽڪو لڳو، حد ته آهي ته مخصوص سيٽن وارا به وڪرو ٿيڻ لڳا. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اولهندي ملڪن ۾ ميمبرن جي خريداري جو ڪير به سوچي نٿو سگهي، ??ولهندي ملڪن ۾ ڪو غير قانوني ڪم ڪر?? ته ع??ام رستن تي اچي ويندي آهي، وزيراعظم چيو ته ٻاهرين طاقتن کي پهرين ئي بي اعتمادي جي رٿ جي خبر هئي، ڳجهي معلومات ملڪ جي مفاد جي ڪر?? عوام سامهُون نٿي آڻي سگهجي، ??سپيڪر آرٽيڪل 5 تحت بي اعتمادي رٿ رد ڪر?? ڇڏي، ??سان اهڙي طرح جي تماشن سان نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون، نوجوان نسل جي بهترين تربيت قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، ??ط ۾ ٻڌايو ويو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا، وزيراعظم عمران خان چيو ته چيو ويو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪنداسين، آمريڪي سفارتخانو مخالف ڌر اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ رهيو، قرضي ملڪن کي سدائين غلامي ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته الهندو معاشرو حقيقت ۾ امر بالعمروف تي هلي رهيو آهي، ??ط ۾ ٻڌايو ويو ته ع??ران خان کي روس نه وڃڻو گهربو هو، ٻاهرين قوتن جي مداخلت 22 ڪر??ڙ عوام جي توهين آهي، وزيراعظم چيو ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي خوددار ملڪ بڻجڻو آهي يا غلامي ڪرڻي آهي، قوم کان پڇان ٿو ته هو ڪهڙي قسم جو پاڪستان چاهي ٿي، ??وچڻو پوندو ته اولهندي جا ملڪ عمران خان ڇو ڪڍڻ پويان آهن، وزيراعظم چيو ته ڇانگا مانگا جي سياست سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو آهي، ??ها سياست شريف ڀائرن شروع ڪئي، ??يندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ برائي جي خلاف بيهڻو پوندو، اولهندي دنيا کي آئُون چڱي ريت ڄاڻان ٿو، مون آمريڪي ڊرون حملن جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا، اسان جي ڪنهن سان جنگ نه آهي، ملڪ لاءِ امن چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته آمريڪي جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آمريڪي پابندين کانسواءِ ملڪ کي ٻيو ڇا مليو، ملڪ جو مستقبل ۽ جمهوريت نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي، ??سان جي ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي خلاف آهن، هن چيو ته ڪر??ٽ مخالف ڌر وارا آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڇا ميمبرن جي خريداري سان حڪومت ڪيرائڻ جمهوريت آهي؟ مخالف ڌر وارا جمهوريت جا دعويدار آهن ته چونڊن ۾ مقابلو ڪن، وزيراعظم چيو ته ڪر??ٽ ٽولو مشرف دور ۾ به اين آر او وٺي چڪو آهي، ??مران خان چيو ته ڇا آمريڪا ڀارت جي اندروني معاملن ۾ اهڙي طرح مداخلت ڪر?? سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، هن چيو ته سويت يونين جي خلاف فرنٽ لائن بڻجڻ جي ڪر?? وڏو نقصان کنيو، وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاليسي جو محور 22 ڪر??ڙ عوام آهي، وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هي ملڪ عظيم بڻجندو، وزيراعظم چيو ته برطانيه ۾ 30 لک ماڻهو عراق تي حملي جي خلاف نڪتا، هن چيو ته هي خط سائيفر هو اهو انتهائي ڳجهو هوندو آهي، ??ن تي هڪ ڪوڊ هوندو آهي، ??ن جي لاءِ ان کي ڳجهو رکڻ لاءِ ان کي منظر عام تي نٿو آڻي سگهجي، وزيراعظم چيو ته آمريڪي عهديدار پاڪستان جي سفير کي ٻڌايو ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا پر جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪر?? ڇڏينداسين، کيس خبر هئي ته ڪنهن شيرواني سبرائي آهي، ??ن جو اهو تڪبر 22 ڪر??ڙ عوام جي توهين آهي جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ پاڪستان جو ڏهاڙو ۽ آزادي جو ڏهاڙو ڇو ملهائيندا اهيون، هن چيو ته ائين ٿيڻ سان ئي ايم اين ايز جو ضمير جاڳي پوي ٿو، ميڊيا ۾ پئسو هلي ٿو ۽ اها انهن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪر?? ٿي، هن چيو ته اسان کي خبر پئي ته آمريڪي سفارتخاني وارا اسان جي ميمبرن سان ملي رهيا آهن، هن چيو ته شيرواني سبرائيندڙ انهن کي پيغام ڏئي رهيا هئا ته فقير ڪجهه نٿا ڪر?? سگهن، هن چيو ته اولهه کي مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير سڃاڻي ٿو ان لاءِ هي مون کي ڪڍڻ چاهين ٿا ڇو ته اهي مون کي سڃاڻين ٿا، منهنجو ڏوهه آهي ته مون ڊرون حملن جي مخالفت ڪئي، ??راق جنگ جي مخالفت ڪئي، ??فغانستان ۾ فوجي ڪارروائي جي مخالفت ڪئي ۽ انهن کي خبر آهي ته ع??ران خان جا ٻاهرين ملڪ ۾ جائيداد ناهي ان لاءِ هي ڪٺ پتلي نٿو بڻجي سگهي، ??ڏهن ته بيگرز آر ناٽ چوزرس وارا جا پئسا ٻاهر پيل آهن ۽ اهي ان هن جي اڳيان نٿا ڳالهائين جو انهن کي خبر آهي ته انهن ??ا اهي اڪائونٽ ۽ جائيدادون ضبط ٿي وينديون، هن چيو ته ڊرون حملن ۾ بي گناهه ماڻهو ماريا ويندا هئا پر ڪو پڇڻ وارو نه هوندو هو، ان لاءِ اهي چاهين ٿا ته اقتدار ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ڪجهه نه چون، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڊشمني نه آهي پر ٻي قوم لاءِ پنهنجي قوم جي قرباني نٿو ڏئي سگهان، اسان ??ا اقتدار ۾ ايندڙ اڳواڻ ڊالرن جي لاءِ قوم کي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن، نائين اليون کانپوءِ اسان ٻيهر انهن ??ا اتحادي ٿي وياسين، ان جنگ جو ڪو به فائدو نه ٿيو پر ذلت کڻڻي پئي، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي آزاد ڪر?? ڇڏي آهي ۽ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار هو تاريخ ۾ لکيو ويندو، جيڪڏهن اڄ اسان نه اٿي بيـٺاسين ته پوءِ سپر پاور اربين روپيا لڳائي حڪومت جو تختو اونڌو ڪر?? ڇڏيندي، هن چيو ته ع??ران خان آمريڪا مخالف نه آهي، پر اسان هڪطرفا لاڳاپا نٿا چاهيون اسان گڏيل لاڳاپا چاهيون ٿا، هن چيو ته قوم کي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪرڻو آهي مون 22 سال ڊگهي سياسي جدوجهد ڪئي آهي، ??نهن جي ڪر?? الله ع??ام جون دليون مون ڏانهن موڙي ڇڏيون، ۽ مون پريڊ گرائونڊ ۾ ملڪي تاريخ جا سڀ کان وڏا جلسا ڪيا، آئون عدم اعتماد تي پنهنجي اسيمبلي ختم ڪر?? عوام وٽ وڃي رهيو هئس ته جيئن عوام فيصلو ڪر??، هي ڪهڙو طريقو آهي ته جو ٻاهر کان سازش ڪر?? پئسن سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪر?? وزيراعظم ٿيڻ هليا آهن جيڪي منهنجي خلاف گڏ آهن اهي هڪٻئي تي ڪر??شن ??ا الزام هڻندا هئا، ڪيس به انهن هڪٻئي جي خلاف ٺاهيا آهن هي عوام وٽ ڇو نٿا وڃن، چونڊن کان ڇو ڀڄي رهيا آهي، هي اين آر او ٽو چاهين ٿا، هي حڪومت ۾ اچي پنهنجي ڪر??شن جا ڪيس ۽ نيب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته مون ڪڏهن به نيوٽرل امپائر کانسواءِ ميچ ناهي کيڏي، هي اي وي ايم کي به ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جن پرڏيهي پاڪستانين جي پئسي سان ملڪ هلندو آهي انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ خلاف آهن، وزيراعظم چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن اهي عوام ۾ مقبول آهن ته چونڊن ۾ اچن پر هي ميچ فڪس ڪر?? پنهنجي پسند جا آفيسر لڳائي چونڊن ۾ ويندا، هن چيو ته آئون هاڻي خاموش ٿي نه ويهندس، هن سازش جي خلاف احتجاج قوم تي فرض آهي، ??ن سان اسان زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏينداسين، وزيراعظم قوم کي زور ڏنو ته هو اٿي بيهي، ??مپورٽيڊ حڪومت آڻڻ جي ڪوشش خلاف سڀئي آچر تي عشا کانپوءِ ٻاهر نڪرن ۽ پرامن احتجاج ڪن.