اسلام آ??اد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻين اهم سي??سي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي وفد جي شرڪت تي خصوص?? ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لا??ِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پ??ڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لا??ِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پ??ڪستانيز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پ??ڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اوورسيز پ??ڪستاني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورسيز پ??ڪستانيز ملڪ جي معاشي ترقي لا??ِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.