پنڊ دادن خان – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو ??زيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي، عمران خان جي ليول جو ڪو ليڊر پا??ستان ۾ موجود نه آهي، اسان جا مخالف سياسي ڄامڙا آهن، انهن جو آواز عالمي سطح تي نه ٿو ٻڌو وڃي، اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي عالمي برادري عمران خان جي موقف کي سدائين ٻڌو آهي، چين جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪو به پ??ڪستاني ليڊر ماسڪو جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو گيم چينجر هوندو، چين کانپوءِ روس سان پا??ستان جا مستحڪم لاڳاپا قائم ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته مريم نواز لنڊن مان پنهنجو ??ئسو واپس کڻي اچي ته حالتون ڪافي بهتر ٿي وينديون، مريم نواز کي احساس آهي ته پنهنجي بابا ۽ ڀائرن کي چوي ته پ??ڪستانين جو ??ئسو واپس ڪن. هن چيو ته جيڪي اسان جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا انهن جي گهروارا به انهن تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود پنهنجا ووٽ پورا نه ڪرائي سگهي، مخالف ڌر ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد کڻي اچي، عمران خان جي حڪومت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين سان احترام جو تعلق آهي، اميد آهي ته هو پارٽي سان گڏ رهندو. جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ آهن پي ٽي آءِ جا ڪارڪن تياري ڪن، جهلم جي عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ وقت اچي ويو آهي ته جهلم جي ماڻهن ج?? اعتماد ٻيهر حاصل ڪيو وڃي ۽ انشاءَ الله ماضي وانگر هن ڀيري به پي ٽي آءِ جهلم ۾ ڪلين سوئپ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته محسن بيگ مراد سعيد جي لاءِ جيڪا بيهوده زبان استعمال ڪئي ان تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، پا??ستان جو ڪو به شخص محسن بيگ جهڙي طرز ڪلام جي حمايت نه ٿو ڪري، قانون ان کي احترام سيکارڻ چاهي ٿو، مراد سعيد اڳتي وڌي معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.