اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين ڪراچي ۾ سينيئر صحافي اطهر متين جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. اطلاعات واري وزير ??نهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ لاء اينڊ آرڊر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي. اندرون سنڌ ۾ به صحافين تي هر ٻئي ڏينهن حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قل?? ۽ مائيڪ جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ڪراچي کي سيف سٽي بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آ??ي. ??ن چيو ته متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. الله تع??لي?? اطهر متين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.