اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فوري قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قا??ون موجب سزا ڏني ??يندي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته پيمرا جي قا??ونن ۾ به بهتري اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ت?? سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ت?? سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چا??ي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري نا??ي ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جا اڪثر فنڪار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪا سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگ??ي ٿو.