اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ انهن جي سرمائي جي تحفظ لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر ضياءَ الحسن، پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جو صدر ڊاڪٽر فيصل اڪرام ۽ ممتاز مسلم شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي دبئي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن نه رڳ?? ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي چونڊن ۾ راءِ جو حق ڏيڻ جي فراهمي پر رقمن جي منتقلي لاءِ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لا??ِ قدمن تي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو.