اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائ??و کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ٽيڪ??ال??جي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو لنڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي ??ل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي ??ه روشني وڌي وئي ته پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهي. ٽيڪ??ال??جي تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي ??وشني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائ??و کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪ??ال??جي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اسپيشل ٽيڪ??ال??جي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ٽيڪ??ال??جي جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي ??زم کي پڻ ساراهيو.