اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ا??يڪ??ن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گه??ائ??، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته انهن جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنه??جي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، ا??يڪ??ن ڪميشن جي اسڪروٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثابت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، ا??يڪ??ن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اڪائونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.