اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلي??جن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي ??يار ڪن. اها ڳالهه هن انف??رم??شن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪو??س ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي سندون ورهائڻ جي تقريب کي ??طاب ڪندي چئي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ميڊيا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صاحبان شرڪت ڪئي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي ??سان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته وزارت جا آفيسر سمورا ضروري تربيتي ڪورسز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪورس انهن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي ??طاب ڪندي انف??رم??شن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ان تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ميڊيا قانونن ۽ انتظامي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انف??رم??شن سروس اڪيڊمي غزاله امبرين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي انعقاد جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، تقريب جي آخر ۾ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون.