اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپخت??نخ??ا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏ?? اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي جي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ڪيا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آ??ري??ي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اين پي جو شوڪت اميرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خيبرپخت??نخ??ا جي اطلاعات واري خاص مددگار ??ئر??سٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏ?? اڪثريت سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏ?? وزير محمود خان جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت هر مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.