ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم کانسواءِ قومون ترقي ناهن ڪنديون، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي معياري ت??ليم کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دارالفلاح ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي، چيف سيڪريٽري بلوچستان مطهر نياز رانا ۽ اداري جا فائونڊر ميمبر ۽ انهن جا پونئير پڻ موجود هئا. صد?? 1926ع ۾ قائم ٿيندڙ ان اداري جي ت??ليمي خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ننڍي کنڊ ۽ هند ۾ تعليمي ادارن جي قيام ۽ فروغ جي ل??ءِ سر سيد احمد خان سميت مسلمان ڏاهن جو ڪردار هڪ روشن باب آهي جنهن کي جاري رکڻ جيل اءِ حڪومت سان گڏوگڏ سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ فلاحي ادارا تعليم جي فروغ جي ل??ءِ حڪومت جو هٿ ونڊڻ جي ل??ءِ تيار آهن ۽ ڪجهه صوبن ۾ نجي ادارن جي معاونت لاءِ ون لائين بجيٽ جو تصور ڪامياب رهيو آهي، نجي شعبي کي ذميواريون ڏئي بهتر تعليمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پاڪستان تعليم کانسواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿو ڪري ان لاءِ اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪي ٻار روايتي ت??ليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن انهن کي هنرمندي جي ت??ليم ڏئي معاشري جو ڪارائتو شخص بڻائڻو پوندو، ان کانسواءِ خصوصي ٻارن کي نارمل اسڪولن ۾ داخل ڪري انهن کي به تعليم جا برابر موقعا ڏيڻا پوندا ته جيئن انهن ۾ خوداعتمادي بحال ٿئي. صد?? شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اه?? محنت ۽ عزم سان تعليم جي ت??لسل کي جاري رکن ۽ پيشيواراڻي ت??ليمي مضمونن سان گڏ فزڪس ۽ ميٿ تي خاص ڌيان ڏين. صد?? چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻو پوندو ته اسان جي ٻارن کي جيڪا تعليم ڏني پئي وڃي ان جو معيار ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙي طرح بهتري آڻي سگهجي ٿي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي دارالفلاح ڪوئيٽا جي ت??ليمي خدمتن کي ساراهيندي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته دارالفلاح سميت اهڙي قسم جي فلاحي ادارن جي معاونت ۽ سرپرستي ڪئي ويندي.