ڪراچي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي، قرآن مجيد ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪري اسان دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻ??ي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي قوم جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ عالم سڳورا عبادتن سان گڏوگڏ اخلاقيات جي تربيت ڏين، حڪومت سٺي ۽ معياري تعليم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. گورنر ??ائ??س پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر ??ائ??س ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ قوم جي تربيت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي ميڊيا هڪ ذميوار ميڊيا آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ عالم سڳورن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻ??ئڻ جو تصور رکي ٿو ۽ هو عالم سڳورن جي مدد جو منتظر آهي ته جيئن ملڪ کي فلاحي رياست بڻ??ئي سگهجي ان سلسلي ۾ رياست پاڪستان جو ??ڪم??ان توهان طرف هٿ وڌائي رهيو آهي، عالم سڳورا عمران خان جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ چيو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اها اٿارٽي وزيراعظم کي مشورو ڏ??ندي ۽ سموري اسلامي دنيا جا عالم سڳورا ان ۾ شامل هوندا پر پاڪستان جا عالم سڳورا ان کي ليڊ ڪندا ڇو ته عالم سڳورن جي مدد کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي، الله اسان کي موقعو ڏ??و آهي ته مديني جي رياست ٺاهيون. سنڌ جي گورنر چيو ته منهنجي الله وزيراعظم جي دل ۾ نبي ﷺ جي محبت رکي آهي جڏهن نبي ﷺ جو ذڪر اچي ٿو اسان جا ڪنڌ تعظيم ۾ جهڪي وڃن ٿا، وزيراعظم هر جڳهه تي اسان جي نبي ﷺ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه دل سان چئي وڃي اها اثر ڪري ٿي، نبي ﷺ جي تعليم اختيار ڪرڻ سان ئي اسان سرخرو ??ين??اسين. هن چيو ته ٻارن کي اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته پنهنجو رول ماڊل نبي ﷺ کي بڻ??ئين. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هر سال اسان عقيدت ۽ محبت، جوش ۽ جذبي سان عيد ميلادالنبي ﷺ مل??ائ??ندا آهيون ڇو ته اسان پاڻ ﷺ جا امتي آهيون ۽ انهن جي غلامي ڪريون ٿا ۽ انهن جي آيل دين جي عزمتن کي دل ۽ جان سان مڃون ٿا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻ??ئڻ چاهي ٿو ۽ اها اٿارٽي ان ويزن جي عڪاس ثابت ??ين??ي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انت??ائ?? لازمي آهي ته جيئن پاڪستان کي فلاحي رياست بڻ??ئي سگهجي.