اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم پارٽي قيادت کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت مهانگائي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم وچولي طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ احساس پ??وگ??ام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جاري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي، هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار ٿيڻ جي اميد آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اٽي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت ۾ به وڌيڪ گ??ٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ??ميٽي جي اج??اس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ??ميٽي جي اج??اس ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن ??ي حوالي سان سڀ کان اهم موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پارٽي ليڊرشپ کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مقامي حڪومتن جي چونڊن ??ي تياري جي لاءِ شهرن ۽ ضلعن ۾ شيڊيول جاري ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪور ??ميٽي جي اج??اس کان اڳ وزيراعظم احساس پ??وگ??ام جي حوالي سان اج??اس جي صدارت ڪئي، اج??اس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين زوم ذريعي جڏهن ته احساس پ??وگ??ام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ناڻي وارنوزيرن سميت چيف سيڪريٽرين ۽ سينئر بيورو ڪريٽس شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم وولي طبقي کي ريليف جي فراهمي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم احساس پ??وگ??ام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب احساس پ??وگ??ام جي سبسڊي اسڪيم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ تيار آهن. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان به ان سبسڊي اسڪيم ۾ حصيدار بڻجن. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ان ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪنڪ جاري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي. هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت تي مسلسل زور ??ئي رهيا آهيون ته ڪڻڪ جي ريليز کي وڌايو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ اٽي جي قيمت گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار متوقع آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اٽي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت وڌيڪ گ??ٽ ٿيندي. هن چيو ته دالين، ڀاڄين، کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي. جيڪڏهن اهو رجحان برقرار رهيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ ڪجهه ريليف ملندو، حڪومت مهانگائي جي مسئلي جي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ وڏن پ??وگ??امن جو اعلان ڪندو.