اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان ه??ئو??نگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪستان ه??ئو??نگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لا??ِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنانسنگ لا??ِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو.