اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 24 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪل??ڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 988 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 47 سيڪڙو، لاهور ۾ 59 سيڪڙو، ملتان 76 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 61 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان گجرات ۾ 63، صوابي ۾ 60 سيڪڙو، ملتان ۾ 66 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 78 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 158 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 16 هزار 497، پنجاب ۾ 19 هزار 38، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 52، اسلام آباد ۾ 4 هزار 103، بلوچستان ۾ 930، گلگت بلتستان ۾ 489 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 49 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 90 هزار 176 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 558 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 90 هزار 545 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 7 هزار 508 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 379، بلوچستان ۾ 32 هزار 591، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 168، اسلام آباد ۾ هڪ لک 2 هزار 863، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 68 هزار 748، پنجاب ۾ 4 لک 14 هزار 390 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 45 هزار 369 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب ف??ت ٿيندڙن جو انگ 26 هزار 767 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 159 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب ف??ت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 225 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 12 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب ف??ت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 270 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 20 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب ف??ت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 889 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب ف??ت ٿيا. بلوچستان ۾ ڪل 342 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 181 فوتگيون ٿيون, جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 2 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب ف??ت ٿيا. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 721 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 3 مريض ان وائرس سبب ف??ت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 85 لک 21 هزار 728 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 5 هزار 425 مريض علاج هيٺ آهن.