اس??ام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي منصوبي جي ??ختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو پبلڪ پرا??يو??ٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ – کاريان موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ??لعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان موٽروي جي پڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين جي ??ن موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي ??عمير ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي ??وام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ??ي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي قابل ٿي سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي مصنوعات جي ??ياري جي ??والي سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي ??عمير سان انهن مصنوعات جي ??ندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ??رقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.