اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب سان پاڪستان تحريڪ انصاف جرمني جي صدر طارق جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، جرمني ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمت?? اثاثو آهن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين عمران خان تي اعتماد ڪندي رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪليو آهي ۽ پرڏيهي پاڪستاني روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن.