لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جي عڪاس هوندي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويندو، آمدني ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گه??تائي لاءِ قدم کنيا ويندا، اليڪشن سڌارن سميت ٻين اهم معاملن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومتي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال ڪري، قومي ادارن جي اندر ماضي جي حڪومتن سياسي ڀرتيون ڪي??ن، فيٽف ۾ پاڪستان ??ي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ??الهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين جي ڪري ملڪ جنهن گه??ري ۾ ڦاٿل هو، الحمد الله اڄ ان ??ان ٻاهر اچي ويو آهي، بجيٽ جي بنيادي هدفن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ اسان جي گذريل سالن جي ڪارڪردگي جو عڪاس هوندو، ان سان اسان جي مشڪلاتن ۾ گه??تائي ايندي. ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو، پگهاردار طبقي کي رليف، مهانگائي ۾ گه??تائي جهڙن قدمن سميت آمدني ۾ اضافي تي بنيادي ڌيان ??نو پيو وڃي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب فنانس ٽيم بجيٽ تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا سان وڙهي رهي آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي معيشت هن وقت منفي 7.3 کان هيٺ آهي، ٻين ملڪن ۾ به معاشي حالتون ڪافي تبديل ٿيون آهن پر اسان وٽ صورتحال بلڪل مختلف آهي، اسان جي معاشي صورتحال مستحڪم ۽ بهتر آهي. هن چيو ته اسان مخالف ڌر سان ??ونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي??ن، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر وکريل آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جون پاليسيون ڪليئر ٿي وينديون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته مولانا فضل الرحمان ??ا چاهي ٿو؟ انهن ٽنهي جو قبلو هڪ ٻئي کان مختلف آهي، کين هڪٻئي جي سمجهه نه اچي رهي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جو ملڪي سياست ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان ان ??ردار کي تسليم ڪريون ٿا، اليڪشن سڌارن ۽ عدالتي سڌارن تي مخالف ڌر کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.