اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهو وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪوششن تي عالمي برادري جي اعتماد جو عڪاس آهي، پاڪستان ان حوال?? سان وڌيڪ جامع قدم کڻندو. هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع ج?? ت??ري?? کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم عمران خان ت??ري?? جو خاص مهمان هو. زرتاج گل چيو ته ماحوليات جي حوال?? سان پاڪستان جي لاءِ ٻه پهلو انتهائي اهم آهن، پهريون اهو ته ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي، ٻيو اهو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري رونما ٿيندڙ قدرتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ هن جو شمار ٿيندو آهي. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي ويزن رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ هن صاف ۽ سرسبز پاڪستان جو تصور پيش ڪيو جنهن جي روشني ۾ حڪومت ملڪي تاريخ جي وڏي منصوبي ۽ انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن. هن ??يو ته سڄي ملڪ ۾ ٽين بلين ٽري سونامي پروگرام تحت هيستائين هڪ ارب وڻ پوکڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، ان منصوب?? سان جتي ٻيلن جي رقبي ۾ اضافو ٿيندو اتي 85 هزار گرين روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا آهن، هن ??يو ته ماحول کي آلودگي کان بچائڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏيون متعارف ڪرايون پيون وڃن ۽ پاليسي تحت 2030ع تائين 30 سيڪڙو ??اڏيون بجلي تي منتقل ٿي وينديون،