اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني ب??ايو وڃي، ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ ۽ وبا جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت ??ملي ملڪي معاشي حالتن ۽ خاص طور تي عوام جي مشڪلاتن کي سامهون رکي جوڙي ويندي، اسان جي سموري حڪمت ??ملي جو محور غريب عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ ان ??ي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ آهي، وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميا جي موثر ڪردار کي پڻ يقيني ب??ايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.