اسلام آب??د ?? 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسواءِ رياستن جو وجود ختم ٿي و??ندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اوهان کان پهرين ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿي و??ون ته انهن ۾ طاقتور جي لاءِ هڪ قانون جڏهن ته ??مزور جي لاءِ ٻيو قانون هو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته رياستو?? اخلاقي زوال ۽ بدعنواني جي ڪري تباهه ٿي و??ون، ڇاڪاڻ جو اخلاقي طاقت کانسواءِ ڪا به رياست پنهنجي شهرين کي انصاف فراهم نٿي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسواءِ رياستن جو وجود ختم ٿي و??ندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن رياست وٽ اخلاقي طاقت نه رهي ته هو طاقتور ڏوهارين سان مڪه مڪا (اين آر آو) شروع ڪندي آهي. هن چيو ته سينيٽ جون تازيون چونڊون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته ??هڙي طرح اسا?? اخلاقي رخ وڃائي رهيا آهيون.