ميانوالي – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان هڪ آزاد قوم هجي، اسان هڪ اهڙو ملڪ چاهيون ٿا جتي ظلم ڪندڙ کي سزا ۽ محنت ڪندڙ کي ان ج?? ڦل ۽ صلو ملي، علم تي ٻڌل معيشت سان قومون ترقي ڪن ٿيون، ان ۾ ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻي هوندي آه??، هڪ ٻن شهرن کي ترقي ڏيڻ سان ملڪ ترقي نه ٿو ڪري، انشاءَ الله پاڪستان دنيا ۾ طاقتور قوم طور اڀرندو. ميانوالي ۾ عيسيٰ خيل ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هاسٽل جي افتتاح ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ج?? پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آه?? ته آئون عيسيٰ خيل جي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن ج?? وچ ۾ موجود آه??ان، وزيراعظم چيو ته 24 سال اڳ هن ??ي سڄو علائقو ڏٺو هو ۽ مون کي خبر آه?? ته هن علائقي ۾ ٻارڙين ج?? اسڪولن ۾ استاد نه آه??، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ نرسز نه آه??، پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي هتان ج?? ماڻهن ج?? وڏو مسئلو هو، اڄ سوا ٽي ارب رپين ج?? ماليت سان ج??ڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آه?? ان سان ٻن يونين ڪائونسل کي ڇڏي باقي سمورين يونين ڪائونسلز ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.