اسلام آباد – 18 س??پٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري خصوصي صلاحڪار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرم??ن ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ريڪوڊڪ ڪيس ۾ عالمي بئنڪ ٽربيونل جو پاڪستان جي حق ۾ فيصلو وڏو رليف آهي، ٽربيونل پاڪستان کي 6 ارب ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو ته وزيراعظم کاڻين جي شعبي جي شفاف انداز ۾ ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ، ڍانچي نظا??، بهترين ٽيڪنالاجي، سيڙپڪارن جي شموليت ۽ پنهنجي انساني وسيلن جي ترقي لاءِ بلوچستان ح??ومت جي ڀرپور مدد جي هدايت ڪئي آهي.