اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرفان گذريل ??هي??ي اسلام آباد ۾ پناهگاهن کي ماڊل پناهگاه بڻائڻ جي هدايت کانپ??ءِ اهو پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ ??هي???? کان به گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار سان ڏهاڙي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آ??ي، وزيراعطم ميڊيا آفيس موجب آئنده ٽن ??هي??ن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن کي ري ماڊل ڪيو ويندو ۽ ان کانپ??ءِ آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پناهگاهن کي ري ماڊل پناهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراعظم کي پناهگاهن ۾ انتظامي معاملن ۽ سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.