اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پيڪيج بابت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهي آهي، ڪراچي پيڪيج تحت سمورن منصوبن جي سرپرستي وفاقي حڪومت ڪندي، 611 ارب وفاق ادا ڪندي جڏهن ته باقي فنڊز صوبائي حڪومت جي ذمي آهن، مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت نيب جي سامهون ??نل ٻلي بڻيل آهي ۽ ٻاهر نڪري شرمندگي بيان ڪرڻ بدران ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪر?? جي ڪوشش ڪندي آهي، پنهنجي اڪائونٽس ڀرين??ڙن کي عوام ووٽ جي طاقت س??ن رد ڪيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ??يرو وفاقي حڪومت اهڙو صوبو جتي انهن جي حڪومت نه آهي ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ دلچسپي وٺندي رڪيل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي، ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي سان اهي ماڻهو پريشان آهن جنهن پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جو بنياد رکيو، انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، پارليامينٽ ۾ ملڪي مفاد جي خلاف راءِ ڏيندڙ دشمنن جو هٿيار سمجهيا ويندا ڇو ته ڀارت پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وجه?? جي هر ڪوشش ڪري ڏٺي، اين آر او جي ڪا شڪل ناهي هوندي پر اهڙو ئي رليف هوندو آهي جنهن سان شخصتن کي قانون ??ان مٿانهون سمجهيو ويندو آهي، مخالف ڌر کي اين آر او ڏيڻ کان بهتر آهي ته پوري ملڪ جي جيلن کي کوليو وڃي ۽ ننڍو ڏوهه ڪن??ڙن کي به ايئن ئي آزاد ڪيو وڃي جيئن آزادي مخالف ڌر گهري رهي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.