اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ ص??بائي ح??ومت جي تعاون جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي ب??ري ۾ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي ح??ومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ته ان فيصلي سان سانوڻي جي ب??سات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀرائي ۽ وفاقي ۽ ص??بائي ح??ومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.