اسلام آباد – 16 جول??ءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ها??وس??گ منصوبي سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ڇت ميسر ايندي، تعميراتي شعبي ۾ 400 ارب روپين جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سيڙپڪارن ل??ءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا بهترين موقعا آهن، ها??وس??گ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ جامع حڪمت عملي جي ذ??يعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احساس پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪري اسان جي ماڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏسڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏسڻي پئي، هن چيو ته ڪورونا کان اڳ معاشي صورتحال بهتر ٿي، جيتوڻيڪ ڪورونا وبا جي ڪري معيشت تي اثر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي ??را??مي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ ل??ءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.