اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائ??ن جي حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان جوڳي آهي، ايس او پيز تي ??ملدرآمد سان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو ويو آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به م??جو?? آهي، حڪومتي ڪوششن سان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان ايس او پيز تي ??ملدرآمد ڪن??ا رهياسين ته اسپتال??ن جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي ??هي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.