اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پيز تي ع??لد??آمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو ??ٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري ر??يو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو ??ل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي ع??لد??آمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهلاءُ ?? 50 ??يڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.