اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته اڄ دنيا ڪورونا جي خلاف پاڪستان جي حڪمت عم??ي جو اعتراف ڪر?? رهي آهي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ احساس پروگرام تحت گهٽ مدي ۾ ايتري وڏي رقم ورهائڻ تي پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ضروري آهي، ٽائيگر فورس جا رضاڪار ايس او پيز تي عم?? ڪرائين. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته احساس پروگرام تي ڊاڪٽر ثانيه نش??ر ۽ احساس جي سڄي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ تي الله جو ڪم رهيو آهي، هن پوري قوم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم ۽ طبي عم??ي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسان جو ملڪ ان مقام تي آهي جتي اڃا به احتياطي تدبيرن تي مڪمل عم??درآمد اسان کي وڏي مصيبت کان بچائي سگهي ٿو.