اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي ضرورت ۽ سهولت کي نظر ۾ رکندي حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ جو فيصلو پنهنجي جوڙيل ايس او پيز سان ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم عوام ت?? زور ڏنو ته اها باشعور شهري هجڻ جو ثبوت ڏي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سف?? ڪندي سموريون ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪري.