اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪ??ر چيو آهي ته هڪ طرف ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف ڪرپشن سان وڙهي رهيا آهيون، ڇا ڪرپشن جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ نااهلي آهي؟ ڇا غريب عوام جو خيال رکڻ ۽ انهن کي رليف ڏيڻ نااهلي آهي؟ ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، شهباز ش??يف لنڊن ڀڄي وڃڻ بدران عدالت کي ۽ عوام کي پنهنجي ڪرپشن تي جواب ڏي، ڪڪس بيڪس جا 16 ڪروڙ شهباز ش??يف جي اڪ??ئونٽ ۾ جمع ٿيڻ جي پوري ٽريل موجود آهي، شهباز ش??يف جي خلاف نيب ريفرنس حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهر??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هنن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.