اسلام آب??د – 06 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ڪرونا وائرس جي وبا بابت مانيٽرنگ ۽ نگراني جو ڪم ڪندي، حڪوم?? پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ کي ورجايو آ??ي. ??رونا وائرس جي وبا جي معاملي تي قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پارلياماني ڪميٽي کي مڪمل بريف ڪيو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت سموريون تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن جيڪي خوش آئنده آهن، خميس تي ايندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال تي غور ٿيندو، لاڪ ڊائون جي وڌيڪ وڌڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ??ند??سين، ملڪي معيشت تي پوندڙ اثرن جو پڻ ??ائ??و ورتو ويندو.