راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪا??ياب جوان پروگرام وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون شامل آهن، ??زي??اعظم عمران خان پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪا??ياب جوان پروگرام ۾ عورتن کي شامل ڪيو آه??، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موقعا نه ڏنا ويا هئا، گذريل حڪومتن رستن، نالن ۽ پلين تي سيڙپڪاري ڪئي پر ??زي??رعظم عمران خان جي حڪومت نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪا??ياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو.