اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي خزاني ک?? بي دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي ??ور تي ڏيوالو نڪتل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، 2020ع معاشي ٽيڪ آف جو سال آهي، ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي سڌار?? ۽ ??اليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پر??س آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو