اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوا?? پروگرام جي پهرين م??حلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا ??رض ميرٽ تي ڏنا ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يق??ن رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فروغ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪامياب جوا?? پروگرام تحت قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام مستقبل جي معمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.