اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي ??ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فلسطين جي پرڏيهي وزير فلسطين ۾ امن امان جي ??ورتحال جي ??والي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي ??رحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ??وشنيءَ ۾ فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي ??ق خودارادي?? جي جدوجهد جي ??مايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مسئلي جي ??ل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرف??ن فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ا??ض فلسطين مين بهي حاضر هون“.