اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، چاهي اپوزيشن اڳواڻ هجي يا ڪابينا جو م??مبر، الزا?? لڳندا ته جاچ ٿ??ندي ۽ جوابدهي جو اصول لاڳو ٿيندو، اها ئي نظام جي تبديلي آهي جنهن جو واعدو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزا?? لڳن ته جاچ ٿ??ندي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي جو جُون به چري، اها ئي نظام ۾ تبديلي آهي حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گ??رجي، طاقتور ترين ماڻهن به قانون کان مٿانهان نه آهن.