ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تاريخي نوادرات بابت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لاءِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪست??ن جي ر??گ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري ر??يو ??و. ??جلاس ۾ ق??مي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.