اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس غذائي ??حفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع جي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هد?? مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران ڪڻڪ جي پيداوار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل س??ل جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران پٽاٽي جي پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي جڏه?? ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو ويو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي پيداوار ۽ گذريل س??ل جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي پيداوار جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هد?? مقرر ڪيا ويا، خريف دوران ڪپهه جي پيداوار جو هد?? 10.5 ملين ڳٺڙيون مقرر ڪيو ويو جڏه?? ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور جي پيداوار جو هدف 3.07 ملين مقرر ڪيو ويو، اجلاس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دوران ڪمند جي پيداوار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو جڏه?? ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دوران زرعي شين جي صورتح??ل جو به جائزو ورتو ويو.