اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ت?? عوام ڪڏهن به ڪرپشن بچائڻ يا ذاتي مفادن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، پي ڊي ايم جي تحريڪ کي پذيرائي نه ملي سگهي، وزيراعظم عمران خان مخ??لف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايندو، ڪرپشن جي خلاف سفر جاري رهندو، وزيراعظم يا ڪابينا جي ڪنهن ميمبر اڃا تائين ڪورونا بچاءُ ويڪسين ناهي لڳرائي، پارليامينٽ جو پنهنجو وقار آهي، هتي چونڊيل عوامي نمائندا اچن ٿا، غيرچونڊيل ماڻهو اچي سياسي طور تي پارليامينٽ جو استعمال ڪرڻ غلط آهي، مخ??لف ڌر حڪومت مخ??لفت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ جي بل جي مخ??لفت ڪئي، ان جي مذمت ڪريون ٿا، ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ ڪافي حد تائين ادائيگيون ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 ڪروڙ ادا ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ميڊيا مالڪن کي اپيل آهي ت?? اهي ڪنهن به حالت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جون پگهارون دير ??ان ادا نه ڪن، وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ت?? صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو.