اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شع??ي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي، ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ان صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زو?? قائم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جا نوجوان نظر انداز ڪيل آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻندا، وزيراعظم غير ملڪي سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زو??ز جي قيام ۾ خصوصي مراعتن کي به حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ??ئي.